ڄام دائود

ڄام دائود: ’تحفة الڪرام‘ ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو ته: ”مرزا غازي بيگ ترخان جي دؤر ۾ ڪڪرالي جي حاڪم ڄام ڏيسر جي پٽ ڄام هالي مرزا غازيءَ جي هڪ جاگيردار کي سندس حدن اندر گهڙي قتل ڪري فساد کڙو ڪيو، جنهن جو وير وٺڻ لاءِ مرزا غازي ڄام هالي تي حملو ڪيو. پر ڪري ڄام هالي جو هڪ مائٽ ڄام دائود اچي مرزا غازيءَ کي پيش پيو ۽ ڄام هالي جو بچـاءُ ٿـي ويـو، پـر مـلـڪ کـي پنهـنجي قـبضي ۾ آندائين. ڄام دائود مرزا غازي بيگ جي درٻار سان وابسته ٿي ويو ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ ڄام دائود پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ مرزا غازيءَ کي ڏيئي، ڪڪرالي ملڪ جي زمينداريءَ جي درخواست ڪئي. سندس خدمتن کي مد نظر رکندي مرزا غازي ڄام دائود جي درخواست قبول ڪئي ۽ مذڪوره ملڪ جا ٽي حصا ڪري هڪ حصو ڄام دائود کي ڏنائين ۽ باقي ٻه حصا پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪيائين. ڄام دائود مرزا غازي بيگ جو سهرو ٿيڻ کان پوءِ خوشي ۽ خوشحاليءَ جي زندگي گذاري.


لفظ ڄام دائودھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو